سنڌ ۾ برسات جا راڱا،سوين ڳوٺ،روڊ پاڻي هيٺ، خلق پريشان، بجلي بند

سنڌ ۾ برسات جا راڱا،سوين ڳوٺ،روڊ پاڻي هيٺ، خلق پريشان، بجلي بند

ڪراچي(نمائندن وٽان)سنڌ ۾ 5 ڏينهن کان جاري چوماسي جي برساتن سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن، ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، خلق پريشان آهي، مال مويشي ۽ عوام دربدر آهي، اڪثر علائقن ۾ بجلي بند آهي، مڇرن جو آزار به وڌي ويو آهي، روڊن رستن، گهٽين ۽ گهرن ۾ پاڻي بيٺل آهي، عوام م پيٽ جي بيمارين ۽ مليريا جي وبا ڦهلجڻ جو خطرو آهي. ٺٽو، سجاول، بدين، ميرپور خاص، ٿرپارڪر ۾ 4 ڏينهن کان لڳاتار وقفي وقفي سان هندڙ برسات زندگي مفلوج ڪري ڇڏي آهي. انتطاميا روايتي سستي جو مظاهرو ڪري ڪاغذي ڪاروائي ۾ رڌل آهي، امدادي ڪاروايون نه هجڻ برابر آهن. ڪمون شهيد، راونتي، اوٻاوڙو، ڏهرڪي، حيات پتافي ۽ قادرپور ۾ برسات، گڊو، ڪشمور،بڊاڻي، بخشاپور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ به برسات جاري آهي ڳڙهي حسن، مبارڪپور، ٺل، ڳڙهي خيرو ۽ دوداپور ۾ به وقفي وقفي سان وسڪارو، شهدادڪوٽ، ميروخان، بهرام ۽ گاجي کهاڙ ۾ برسات سبب ڪچن گهرن کي نقصان ٿيو،قصبو، واهي پانڌي، جوهي ۽ ڊرگهه بالا ۾ به برسات، مٽياري، بدين، ٽنڊو باگو، ڏيئي، کور واهه، ٺٽو ۽ گهارو ۾برسات جاري، 5 ڏينهن کان لاڳيتن وسڪارن سبب زندگي جو ڪار وهنوار مفلوج ٿي ويو
ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي سامونڊي پٽي ۾ لڏپلاڻ
ٺٽو، سجاول ۽ بدين ۾ سامونڊي طوفان ۽ گجگوڙ سان برساتن جو خدشي بعد لڏپلاڻ جاري، درياهي توڙي سامونڊي پٽي تي آباد ماڻهن جي محفوظ هنڌن تي منتقلي جو عمل شروع ٿي ويو آهي، ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ جي سامونڊي ٻيٽن تان به ماڻهن جي لڏپلاڻ، ڪيٽي بندر ۾ برساتن ۽ سامونڊي چاڙهه 20 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا ٺٽي وٽ سنڌو درياهه ۾ چاڙهه سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻيءَ اچي ويا، ماڻهن جي پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏپلاڻ ڪرڻ شروع ٿي ويو، جنگشاهي، جهمپير، مالماڙي، براد آباد، ساڏورو، ميٽنگ اترام ۽ ٻين علائقن ۾ ڍورا ۽ نيون وهي آيون، ڪوهستاني علائقن جو رابطو ڪاٽا ٿي ويو، جابلو نيئن جو پاڻي داخل ٿيڻ ڪري ڪينجهر، هڏيرو ۽ ھاليجي ڍنڍن ۾ چاڙهه جاري آهي.

سم نالن کي گهارا، ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ

بدين جي تعلقي گولاڙچي ۾ نوتڪاني ۽ اَسيلي سم نالن کي گهارا پئجي ويا آهن، جنهن سب ڪيترائي ڳوٺ، ڪپهه ۽ چانور جا درجنين ايڪڙ تي مشتمل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي. ڊرينيج کاتو ۽ مقامي رهواسي گهارو بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر پاڻي جو وهڪرو تيز آهي. فوڪل پرسن رين ايمرجنسي ۽ ثقافت ۽ سياحت وارو صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه گهاري واري هنڌ پهتو ۽ مشينري جلد گهرائڻ جو چئي ڪجهه دير بعد هليو ويو ۽ هي خبر فائيل ڪرڻ تائين مشينري نه پهتي هئي.

Screengrab

نئون ڪوٽ

هاڪڙي درياھ کي ڳوٺ نور شاھ وٽان لڳل گهارو وڌي ٻہ سئو فٽ ٿي ويو، ٻہ ڏينهن گذرڻ باوجود گهارو بند ڪرڻ لاءِ ڪنهن به جوڳا اپاءَ نه ورتا، ٻہ سئو ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو پاڻي ڳوٺ اوڀايو چانڊيو سان ٽڪرائجي ويو، ڳوٺاڻان پنهنجي مدد پاڻ تحت بچا بند ٻڌڻ م رڌل،آبپاشي عملدار گهاري کان ٻه ڪلوميٽر پري هاڪڙي جي بندن جو جائزو وٺي موٽي ويا گهاري واري هنڌ وڃڻ جي زحمت نہ ڪئي،  هاڪڙي کي گهارو ناهي لڳو پاڻي بندن تان اورفلو ٿيو آهي، خطري جي ڳالھ ناهي، ڊرينج ايڪسيئن جو کل جوڳو موقف، خبر موجب گذريل ڏينهن هاڪڙي درياھ کي ڳوٺ نور شاھ وٽان لڳل گهارو وڌي ٻه سئو فٽ ٿي ويو، پاڻي تيزي سان آبادي طرف وڌي ڳوٺ اوڀايو چانڊيو ۾ داخل ٿي ويو، ان ڏس ۾ رهواسين عبداللطيف چانڊيو، سڪندر چانڊيو، امجد ۽ ٻين ٻڌايو ته هاڪڙي درياھ کي لڳل گهاري کي ٻه ڏينهن گذري چڪا آهن پاڻي ٻه سئو ايڪڙن تي بيٺل فصل کي ٻوڙي ڳوٺ اوڀايو چانڊيو سان ٽڪرائجي ويو آهي، جنهن جي ڪري اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت بچا بند ڏئي پاڻي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو پر ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود آبپاشي عملي ۽ ضلعي ٿرپارڪر انتظاميا گهارو ٻڌڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ ناهن ورتا.

دادو

جوھي ايم اين وي ڊرين کي سال 2022 واري ٻوڏ ۾ لڳل گھارا بند نه ٿي سگھيا ايم اين وي ڊرين م پاڻي جي سطح مٿي ھئڻ ڪري ھڪ ڀيرو ٻيھر يوسي ڪمال خان جا 20 کان مٿي ڳوٺ پاڻي لپيٽ ۾ اچي ويا آھن، سنڌ سرڪار ۽ ضلع دادو انتظاميه جي غفلت سبب جوهي جي يوسي ڪمال خان کي ٻوڙي ڇڏيو، سوين خاندان دربدر ٿي ويا، 2022 واري ٻوڏ دوران ايم اين وي ڊرين کي لڳل گهارا ٻه سال گذُرڻ باوجود بند نه ٿيڻ سبب يوسي ڪمال خان جا 20 کان وڌيڪ ڳوٺ مرزاچنه، بابو چنه، بخش چنه، ڏاتوچنه، رحيم ڏنو چڻو، ڇپر خان جمالي، سومر چنو صاحب سولنگي، عزيز سولنگي، الهرکيو چڻو، گل محمد رودناڻي، در محمد رودناڻي، جمن بڪڪ، وسڻو خاصخيلي، جمال جمالي، پير بخش سولنگي ۽ ٻين ڳوٺن سميت ڪروڙين رپين جو فصل، چوپايو مال، گهرو سامان ٻڏي ويو آهي، انتظاميه جي اهڙي نااهلي خلاف متاثر ڳوٺاڻن ڄام خان چنه، حافظ امداد، جمال الدين چڻو، بچل چڻو، عبد الله جمالي، قاسم رودناڻي، عبدالڪريم جمالي، مٺو خاصخيلي، جلال بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي متاثرين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته 2022 جي هٿرادو ٻوڏ ۾ ايم اين وي ڊرين کي ڳوٺ ڇپر خان جمالي، بابو چنه، عبدالعزيز سولنگي وٽان لڳل هزارين فوٽن جا گهارا اڃا تائين بند ناهن ڪيا ويا، نتيجي ۾ ايم اين وي ڊرين جي پاڻي ۾ چاڙھ اچڻ سبب يوسي ڪمال خان جا 20 کان وڌيڪ ننڍا وڏا ڳوٺ پاڻي جي گهيري هيٺ اچي ويا آهن، ڪيترن ڳوٺن جي گهرن اندر پاڻي جمع ٿي ويو آهي، ڳوٺاڻن جا لنگهه  بند ٿي ويا آهن، بيماري بڙي ۾ شهر جي اسپتالن تائين نٿا پهچي سگهن، هنن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد شاھ توڙي ايم اين اي، ايم پي اي اسانکي انسان ئي نٿا سمجهن جن جي لاپرواهي سبب اسانکي هر ڀيري ڀوڳڻو پوي ٿو، گذريل هڪ هفتي کان پاڻي جي گهيري هيٺ آهيون سوين ايڪڙن تي بيٺل سارين ۽ وونئڻن جو فصل لُڙهي ويو آهي, مال متاع روڊن رستن تي آهي، معصوم ٻارڙا اسڪول نه ٿا وڃي سگهن مگر ڪنهن کي به اسانجي پرواهه ناهي، هينئر تائين اهو به پڇڻ لاءِ ناهن آيا ته جيئرا آهيو يا مري ويا آهيو, هنن چيو ته اسان پ پ پ جا ووٽر آهيون مگر حڪمرانن اسانکي تباهه و برباد ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ناهي ڇڏي، اسان سان اهڙو رويو اختيار ڪيو پيو وڃي ڄڻ اسان سنڌ پاڪستان جا نه پر بنگالي، بهاري هجون، هنن چيو ته اليڪشن دوران ووٽن لاءِ منٿون ميڙون ڪندڙ هاڻي ڳولئي نٿا لڀن، سنڌ جو وڏو وزير به ايف پي بند وٺي منڇر ويو مگر انتظار ڪرڻ باوجود اسان وٽ لڙي نه آيو، هنن چيو ته هتان جا چونڊيل نمائنده اسانجا ۽ اسانجي ٻچن جا دشمن آهن جن ٻن سالن تائين  ايم اين وي جا گهارا بند نه ڪرايا ۽ سوين خاندانن کي بي يارو مددگار ٻُڏڻ لاءِ ڇڏي ڏنو آهي هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ايم اين وي ڊرين جي گهارن کي فوري طور تي بند ڪرائي سندن سهائتا ڪئي وڃي،

ٽنڊوباگو

گزريل پنجن ڏينهن کان وسندڙ برسات جو سلسلو رات کان وٺي ڏينهن جو ٻارھين وڳي تائين جاري رھيو جڏهن ته ٽنڊوباگو شھر جي 9 وارڊن مان 8 وارڊن وارڊ نمبر 1,2,3,4,6,7,8 ۽ 9 ۾ بيٺل 3 کان 6 فٽن تائين پاڻي نيڪال ٿي نه سگھيو آهي. مين بس اسٽاپ تي گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي.شھر ۾ مختيارڪار آفيس,اي سي آفيس,ٽائون ڪاميٽي آفيس,وٽنري اسپتال,پوليس ٿاڻي  ,نادرا آفيس ۽ تعلقي اسپتال ۾ گوڏي جيڏو برساتي پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آهي .مين پرائمري اسڪول,گرلس ھاء اسڪول۽ ٻين پاڙن جي پرائمري اسڪولن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيھ ويو آهي. . ٽنڊي باگي جي آس پاس جي برساتي پاڻي ۾ ٻڏل 200 ڳوٺن مان به برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء ڪي به اپاء نه ورتا ويا آهن برساتي پاڻي بيھ وڃڻ ڪري ڪيترن ئي ڪچن گھرن ڪرڻ جا اطلاع  آهن ھوڏانھن  ٽنڊوباگو ويجهو 16 اي ايل سم نالي کي 15 فٽ ۽ سنڌو درياء جي پراڻي نيري ڍوري کي 10 فٽ گھار لڳڻ ڪري ڳوٺ محمد صالح چانھيو مڪمل طور ٻڏي ويو ڳوٺ ۾ پاڻي اچڻ ڪري ڳوٺ جا 10 ڪچا گهر ڪري پيا آهن جنهن ڪري ڳوٺاڻن  پاران ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء جمن,علي حسن,علي نواز چانھيو ۽ ٻين طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.جڏهن ته تعلقي ٽنڊي باگي جي 54 سم نالن گزريل 10 سالن کاٽي نه ٿيڻ ڪري سم نالا اور ٽاپ ٿي ويا آهن جن ۾ گھار پوڻ انديشو آهي

دڙو

دڙو ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ 5 ڏينهن کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري، ڪيترائي گھر ڪري پيا، دڙي شھر ۽ ڀرپاسي جي مختلف يوسيز اڪبر شاھ، خانپور، لائقپور، بچل گگو، حسين پور، ڪنڊور سميت مختلف علائقن ۾ 5 ڏينهن کان برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري، برسات سبب هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، مختلف يوسيز ۾ ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل برسات سبب ساريالي فصل کي سخت نقصان هزارين ايڪڙن تي پوکيل ساريالو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، آبادگارن کي لکين رپين جي نقصان جو خدشو، دڙي شھر ۾ برسات کان پوءِ 5 ڏينھن کان بجلي ۽ مواصلات جو نظام ڊانواڊول، واٽر سپلائي جي پاڻي جي فراهمي بند هجڻ ڪري شهر ۾ پاڻي جو بحران ڪر کنيو، شهري پاڻي لاءِ پريشان. سنڌ سرڪار طرفان قدرتي آفتن کي منھن ڏيڻ لاء سجاول ضلع ۾ قائم ڪيل رين ايمرجنسي فوڪل پرسن ڪميٽي عملي طور تي اڃا تائين ڪوبہ ٻوٽو ناھي ٻاريو.

سانگھڙ

ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا ۽ پ پ اڳواڻ اورنگزيب مري سانگهڙ شهر ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن جو دورو ڪري برسات کان پوءِ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاء  شهر ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪيو ۽ چيئرمين ميونسپل ڪميٽي ۽ چيف ميونسپل آفيسر  کي هدايتون ڏنيون ته شهر ۾ جتي به پاڻي آهي ان کي فوري طور نيڪال  ڪري مڇر مار اسپري ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهو بيمارين کان محفوظ رهي سگهن.  ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجه ۽  اورنگزيب مري چيو ته شهر جي مجموعي صورتحال بهتر آهي پر ڪجهه هيٺاهين وارا علائقا آهن جتان پاڻي ڪڍڻ جو ڪم جاري آهي  هن چيو ته 36 ڪلاڪ مسلسل برسات سبب ڪجهه مسئلا پيدا ٿيا پر جيئن ئي برسات بند ٿي ته ضلعي انتظاميا اڳواٽ پلان تحت شهر مان پاڻي ڪڍي ڇڏيو.  ان موقعي تي ايڪسين پبلڪ هيلٿ پير علي رضا، اسسٽنٽ ڪمشنر سانگهڙ محمد شفيق آريسر، چيئرمين ميونسپل ڪميٽي راشد اسلام مغل ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا.

گلاب لغاري

گلاب لغاري جي آس پاس جي علائقن ۾ مسلسل پوندڙ برسات تباھي مچائي ڇڏي مراد ڊسٽري شاخ ابتو وھڻ سبب مراد واھ ٽيلھ ريگيوليٽر تي پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ لڳو جنھن ڪري شاخ مراد مائنر کي ڳوٺ قاضي احمد دستي ڀرسان اوڀر طرف کان شاخ مراد مائنر کي ٻه گھارا لڳي ويا جنھن سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي ھيٺ اچي ويا ۽ گھارن جو پاڻي ڳوٺن۾ داخل ٿيڻ سسب ماڻهو لڏ پلاڻ تي مجبور   ۽ ٻي پاسي مسلسل برسات سبب يوسي الھڏنو سريوال يوسي ماڻڪ لغاري جي مختلف ڳوٺن جنھن ۾ ڳوٺ ٺارو دل اعظم دستي ڳوٺ پيرل موري خان محمد لغاري  ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن جا ڪچا  گھر ڪري پٽ پئجي ويا جنھن ڪچا گھر ڪرڻ سبب ڳوٺاڻان کلي آسمان ھيٺ ويٺل آھن  جڏھن ته برسات جو سلسلو ھن وقت به جاري آھي برسات سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٽماٽا مرچ ووئنڻ ۽ سارين جا فصل پاڻي ھيٺ اچي ٻڏي ويا آھن

سکر

 سکر ۾ هلڪي هلڪي برسات آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا، موسم خوشگوار ٿي وئي، تفريحي ماڳن تي ماڻهن جو رش وڌي ويو.ان سلسلي ۾ ملڪ ۾ هلندڙ برساتي سلسلو جاري آھي ملڪ جي ٻين شهرن وانگر سنڌ جي ٽئين وڏي شهر سکر ۾ به مون سون جي ٽئين وڏي اسپيل دوران برسات جي اڳڪٿي کانپوءِ سکر ۾ به گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن، جڏهن ته هلڪي هلڪي برساتن جو سلسلو به جاري آھي.ان ڏس ۾ موسميات کاتي جي ڪيل اڳ ڪٿي مطابق سکر ۾ جمعي ڏينهن وقفي وقفي سان هلڪي هلڪي برسات سبب خوشگوار ٿي ويو لب مهراڻ سميت تفريحي ماڳن تي ماڻھن جا ميلا متل۔

پهنجو تبصرو موڪليو