ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاڪستان نيشنل گيمز ۾ شرڪت ڪندڙ رانديگرن جو ڊوپ ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ 35هين نيشنل گيمز جي تيارين جي حوالي سان سنڌ جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ پاڪستان اولمپڪ ۽ سنڌ اولمپڪ ايسوسيئيشن وچ ۾ اهم اجلاس ٿيو. جنهن ۾ پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن جي صدر سيد عابد قادري، سيڪريٽري جنرل محمد خالد محمود، سنڌ اولمپڪ ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري احمد علي راجپوت، آصف عظيم. اصغر بلوچ ۽ چيف انجنيئر اسلم مهر ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ پاڪستان اولمپڪ ايسوسي ايشن ڪراچي ۾ 35هين نيشنل گيمز جي انعقاد جي منظوري ڏني ۽ سيڪريٽري اولمپڪ احمد علي راجپوت شرڪت ڪندڙن کي گيمز جي انتظامن ۽ سيڪيورٽي بابت آگاهي ڏني، اجلاس ۾ نيشنل گيمز جي افتتاحي ۽ اختتامي تقريب لاءِ مختلف اسٽيڊيمز جو دورو ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو، راندين واري وزير سردار محمد بخش مھر اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان نيشنل گيمز کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا گيمز جي مشعل ريلي جي افتتاح لاءِ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي دعوت ڏيڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، نيشنل گيمز ۾ حصو وٺندڙ رانديگرن جو ڊوپ ٽيسٽ ڪرايو ويندو، ڪجهه ايٿليٽس ڊرگ جو استعمال به ڪن ٿا، سوئمنگ جا سمورا ايونٽس پاڪستان اولمپڪ جي صدر عابد قادري چيو ته هو راندين واري وزير جي ويزن کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، آئون سنڌ جي راندين واري وزير کي لاهور ۾ اولمپڪ ميوزيم جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏيان ٿو، پاڪستان اولپمڪ ۽ سنڌ اولمپڪ جي گڏيل مشورن سان نيشنل گيمز جي تاريخن جو اعلان ڪيو ويندو، جڏھن ته گيمز جي سيڪيورٽي ۾ ادارن سان گڏ اسڪائوٽس جي خدمتون ورتيون وينديون، اجلاس ۾ سيڪريٽري جنرل پاڪستان اولپمڪ محمد خالد محمود جو چوڻ ھو ته نيشنل گيمز کان اڳ والنٽيئر جي ٽريننگ ڪرائي وڃي، مشعل ريلي لاءِ مشعل ۾ دونھون نه ٿيڻ گھرجي، ھو ماحُولياتي آلودگي جو ڪارڻ بڻبو آھي.










