جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 3 ڄڻا مارجي ويا، 5 زخمي

جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 3 ڄڻا مارجي ويا، 5 زخمي

سکر(ن س) روهڙي ڀرسان جهانگڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ چوري جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا قتل جڏهن ته پنج زخمي ٿي پيا، زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.جاگيراڻي برادري ۾ جهيڙي جي معاملي تان ٿيل فائرنگ جي نتيجي ۾ قتل ٿي ويلن ۾ ۾ علي رضا، عاشق، جمشيد شامل آهن. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين ۽ فوتين جا لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.پوليس موجب جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ چوري جي معاملي تان جهيڙو ٿيو آهي جنهن ۾ 3 ڄڻا قتل جڏهن ته 5 زخمي ٿي پيا آهن، زخمين ۾ حبيب الله، رحمت الله، قابل ۽ امداد شامل آهن. فوتين ۽ زخمين کي تعلقا اسپتال روهڙي منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو