ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪارساز روڊ تي موٽرسائيڪل تي سوار پيءُ ۽ ڌيءَ کي ڪار سان ٽڪر هڻي قتل ڪندڙ جوابدارن جي پيشاب جي نمونن ۾ ممنوع مادو هٿ آيو،پوليس پيءُ ۽ ڌيءَ کي ٽڪر هڻڻ واري گاڏي جي عورت ڊرائيور جي ميڊيڪل رپورٽ حاصل ڪري ورتي آهي. ذريعن موجب جوابدار ڊرائيور جي پيشاب جي نمونن ۾ ممنوع شيءِ جي موجودگي ظاهر ٿي، جوابدار جي ميڊيڪل رپورٽ 2 کان 3 ڏينهن لاءِ سيل ڪئي وئي.ذريعن موجب اها رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.










