ٽرانسپورٽرن جو احتجاج ختم، ڊي ايس پي سميت 5 اهلڪار زخمي

ٽرانسپورٽرن جو احتجاج ختم، ڊي ايس پي سميت 5 اهلڪار زخمي

ٽنڊوڄام (ن س )حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي ٽنڊوڄام ٽول پلازه وٽ ٽرانسپورٽرن جي احتجاج دوران ڊي ايس پي سميت 5 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس احتجاج ڪندڙن کي منتشر ڪري ڇڏيو.ٽنڊوڄام ٽول پلازه وٽ ٽرانسپورٽرن ٽول ٽيڪس وڌائڻ خلاف احتجاج ڪيو، جنهن دوران پوليس لاٺي چارج ۽ هوائي فائرنگ ڪئي، جڏهن ته 12 ٽرانسپورٽرن کي گرفتار ڪري ورتو.احتجاج دوران مظاهرين پاران پٿراءُ ڪرڻ سبب ڊي ايس پي سميت 5 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس ڪارروائي ڪندي مظاهرين منتشر ٿي ويا، جنهن بعد ٽنڊوڄام ميرپورخاص روڊ کوليو ويو.پوليس موجب ٽنڊوڄام ميرپورخاص ۾ 10 ڪلاڪ جاري احتجاج سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي، ڊپٽي ڪمشنر سان ڳالهين باوجود احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو