ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سڄي سنڌ ۾ برساتن جي صورتحال سبب تعليمي ادارن ۾ موڪلن جو اختيار ڊپٽي ڪمشنر کي ڏنو ويو.ان حوالي سان سنڌ جي تعليم کاتي ضلعي ڊپٽي ڪمشنرن کي خط لکي چيو آهي ته برساتن دوران تعليمي ادارن ۾ موڪلون ڏيڻ جو اختيار ڊپٽي ڪمشنر وٽ هوندو.تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته ڊپٽي ڪمشنر تعليم کاتي سان صلاح مشوري کانپوءِ پنهنجي ضلعي ۾ موڪلن جو بااختيار هوندو.










