سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات، واقعا، زال مڙس فوت، ڌيءَ زخمي

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات، واقعا، زال مڙس فوت، ڌيءَ زخمي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ چوماسي جي وسڪارن جو سلسلو جاري آهي، مختلف شهرن ۾ پاڻي بيهجي ويو،ڪراچي جي شاهراهه فيصل، ماڊل ڪالوني، گلشن حديد، ابراهيم حيدري، گڏاپ، قائد آباد، گلستان جوهر، گلشن اقبال، سچل ڳوٺ، صدر، ڊفينس، ڪلفٽن، ڪورنگي، نيو ڪراچي، نارٿ ناظم آباد، سهراب ڳوٺ، سپر هاءِ وي ۽ ٻين علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي، گلشن معمار جي افغان بستي ۾ هڪ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب زال مڙس دٻجي فوت ٿي ويا، سندن معصوم ڌيءَ زخمي ٿي پئي، ڪراچي جي اولڊ سٽي جا علائقا لياري، رنڇوڙ لائين، کارادر، ميٺا در، آءِ آءِ چندريگر روڊ، گرو مندر ۽ ٻيا علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا،بدين، ٽنڊو باگو، سيراڻي، ڪڍڻ ۽ پنگريو ۾ به وسڪارو، ميرپورخاص، ميرواهه گورچاڻي، ڊگهڙي ۽ جهڏو ۾ به وقفي وقفي سان وسڪارو جاري، عمرڪوٽ، ڪنري، نبي سر، ٽالهي ۽ شادي پلي ۾ به برسات پئي، ٽنڊو ڄام، ٽنڊو محمد خان ۽ ڀر پاسي جي علائقن ۾ تيز برسات، روڊ رستا پاڻيءَ هيٺ، کپرو، ٽنڊو آدم، شاهپور چاڪر ۽ کڏڙو ۾ به وسڪارو، ڄام صاحب، ٻانڌي، دوڙ، ڪوٽ لالو ۽ مديجي ۾ به برسات پئي

پهنجو تبصرو موڪليو