ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ناصر حسين شاهه چيو آهي ته جناح اسپتال بابت خالد مقبول صديقي جو بيان مذاق جوڳو آهي، خالد مقبول جو چوڻ آهي ته ڪراچي ٽيڪس ۽ عطيو ٻئي ڏئي رهيو آهي، ياد رهي ته ايم ڪيو ايم عطيو به قرباني جي کھالن جي صورت ۾ ورتو،ناصر حسين شاهه جو چوڻ آهي ته اسان جي اسپتالن جو عطيو عوام جي بهتري تي خرچ ڪيو پيو وڃي.ڪٿي خرچ ڪيو، صحت جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت جي ڪيل ڪمن کان سڄو ملڪ واقف آهي.هن وڌيڪ چيو ته اوهان پيپلز پارٽي جي هر سٺي ڪم کي رد ڪري رهيا آهيو، ڪراچي اسان جي ڪم کي تسليم ڪري ٿو، ايم ڪيو ايم کي سمجهڻ گهرجي ته ڪراچي جو ٺيڪو هاڻي سندن ناهي رهيو.ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مخير حضرات جناح اسپتال کي عطيو ڏين ته اها سنڌ حڪومت جي امانت آهي. سنڌ حڪومت هر سال 30 ارب رپيا جناح، اين آءِ سي وي ڊي ۽ اين آءِ سي ايڇ تي خرچ ڪندي آهي، توهان مڃو يا نه مڃو ان سان ڪو فرق نٿو پوي.سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ايم ڪيو ايم پاڪستان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم توانائي رڳو بيان بازي تي خرچ ڪندي آهي، اسان توانائي ۽ پئسو عوام جي خدمت تي خرچ ڪري رهيا آهيون.هن چيو ته سوال اهو آهي ته ڪراچي جي شان و شوڪت، ادبي گڏجاڻين ۽ تعليمي سرگرمين کي ڪير چورايو، ڪراچي شهر تمام گهڻو خونريزي ۽ قتل و غارت ڏٺو آهي.










