انٽر بئنڪ ۾  ڊالر 278 رپيا 70 پئسا جو ٿي ويو

انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 70 پئسا جو ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر جي قيمت ۾ 3 پئسا واڌ ٿي وئي.انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 3 پئسا مهانگي کانپوءِ 278 رپيا 70 پئسا ٿي وئي.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 67 پئسا تي هو. ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي مثبت شروعات ٿي آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 234 پوائنٽس وڌي 79028 تي پهچي ويو.ڪاروبار دوران انڊيڪس 79 هزار 173 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 78 هزار 79 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو