دهشتگرديءَ جو شڪار والدين جي ٻارن کي مفت تعليم ڏيڻ جو فيصلو

دهشتگرديءَ جو شڪار والدين جي ٻارن کي مفت تعليم ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي خانگي ادارن دهشتگردي جو شڪار ٿيندڙ والدين جي ٻارن کي خانگي اسڪولن ۾ مفت تعليم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ايڊيشنل ڊائريڪٽر پرائيويٽ ادارا سنڌ رافعه جاويد خانگي اسڪولن کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته گهٽ آمدني وارن ۽ شهيد والدين جي ٻارن کي خانگي اسڪولن ۾ مفت تعليم ڏني وڃي.رافعه جاويد چيو ته سمورن اسڪولن ۾ مفت تعليم فراهم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، والدين ۽ استادن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي ويندي جيڪا فيصلو ڪندي ته ڪهڙا ٻار مفت تعليم جا حقدار آهن.ايڊيشنل ڊائريڪٽر چيو ته اسڪول ۾ ڪل تعداد جو 10 سيڪڙو ٻارن کي مفت تعليم ڏني ويندي ۽ جيڪي اسڪول 10 سيڪڙو ٻارن کي مفت تعليم نه ڏيندا انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو