ٿر جي بجلي سنڌ ۾ نه پر فيصل آباد ۾ استعمال ٿئي پئي، شاهه

ٿر جي بجلي سنڌ ۾ نه پر فيصل آباد ۾ استعمال ٿئي پئي، شاهه

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿر مان پيدا ٿيندڙ بجلي سڌي نيشنل گرڊ مان فيصل آباد ويندي آهي.ڪراچي ۾ لاهور جي صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي 2 بلين روپين جي سرمائيڪاري جو فائدو پوري ملڪ کي ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ٿر مان 3 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي آهي جيڪا سڌي نيشنل گرڊ مان فيصل آباد ويندي آهي، ٿر جي بجلي سنڌ ۾ استعمال نه پئي ٿئي.مراد علي شاهه چيو ته ٿر ۾ موجود ڪوئلي مان پوري ملڪ جي بجلي پيدا ڪري سگهي ٿي، 10 سال اڳ چيو هو ته رينيو ايبل انرجي ۾ سرمائيڪاري ڪئي وڃي، اڄ اسان جي چيل ڳالهه صحيح ٿي رهي آهي.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته وفاق سان مسئلن سبب اين آءِ سي وي ڊي ٺاهيو هو، صحت جي شعبي ۾ بهتري آڻي رهيا آهيون، سائبر نائف ملڪ جي ڪنهن اسپتال ۾ نه آهي، نجي اسپتالن ۽ انشورنس ڪمپني کي فائدو ڏيڻ جي بجاءِ پنهنجين اسپتالن ۾ بهتري آڻيون.مراد علي شاهه چيو ته اسان وٽ 29 يا تقريبن 30 دل جي مرض جون اسپتالون آهن، جيڪڏهن ڪنهن کي دل جي تڪليف هوندي آهي ته وقت وڏي اهميت جوڳو هوندو آهي جيڪڏهن جلد کان جلد اوهان کي طبي امداد ملي وڃي ته زندگي ۽ موت وچ ۾ هڪ ئي فاصلو هوندو آهي.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته گمبٽ ۾ مفت ليور ٽرانسپلانٽ ٿيندا آهن، ريڊيولوجي جي ذريعي ڪينسر جي علاج لاءِ ٽئين سائبر نائف مشين اسان لڳائي آهي. پاڪستان جي ڪنهن وڏي اسپتال ۾ سائفر نائف مشين نه آهي. اسان جي ملڪ ۾ وڏا وسيلا موجود آهن، ٿر جي اندر اسان وٽ جيڪو ڪوئلو موجود آهي اهو پاڪستان جي لاءِ سستي بجلي بنائي سگهي ٿو. ان ۾ سرمائيڪاري ڪري اوهان پنهنجي برآمدات ۽ روزگار وڌائي سگهو ٿا، ٿر جي ڪوئلي جي ڳالهه اڄ کان 10 سال اڳ صرف سنڌ حڪومت ڪئي هئي پر اڄ پورو پاڪستان ساڳئي ڳالهه ڪري رهيو آهي.هن چيو ته هن وقت ٿر جي ٽوٽل بجلي جيڪا 3000 ميگاواٽ پيدا ٿي رهي آهي اها سموري نيشنل گرڊ ۾ ويندي آهي ۽ اتان کان سڌي فيصل آباد ويندي آهي. وڏي وزير چيو ته اها بجلي سنڌ ۾ به استعمال ناهي ٿيندي، سنڌ جي ڪوئلي ٿورو گهڻو رليف ڏنو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي بجلي جي کهپت کي وڌائڻو پوندو ۽ وڌ کان وڌ صنعتي يونٽس لڳائڻا پوندا ته جيئن اسان انهن مسئلن مان نڪرون.مراد علي شاهه چيو ته اسان وٽ انگ اکر موجود آهن ڪيتري بجلي سنڌ کي ڏني پئي وڃي، جڏهن ته سمورا وسيلا اسان وٽ آهن. 70 سيڪڙو ڪيس اسان وٽ آهن جنهن سان پاور پلانٽس بڻجندا آهن. آئني ۾ لکيل آهي ته جتان کان گيس نڪرندو آهي پهريون حق انهي جو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٿر ۾ سرمائيڪاري جو فائدو پوري پاڪستان کي ٿي رهيو آهي اسان پاڪستان جي لاءِ وڌيڪ قربانيون ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو