لنڊن: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان برطانيه جي نئين چونڊيل وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر کي چيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت کي پيش ايندڙ خطرن جي حوالي سان آگاهي وڌائڻ جي لاءِ اوهان جي مدد جي ضرورت آهي.اڊيالا جيل مان برطانوي ٽي وي نيوز چينل کي هڪ انٽرويو ڏيندي عمران خان نئين چونڊيل برطانوي وزيراعظم کي چونڊن ۾ فتح تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جي دعويٰ کي سمجهڻ جي لاءِ ٿورو سوچو ته برطانوي چونڊ مهم ۾ ليبر پارٽي جي سينئر اڳواڻن کي رات جي اونداهي ۾ اغوا ڪيو ويندو هجي.پنهنجي وڪيل جي حوالي سان هن ٻڌايو ته هڪ سال ٿيڻ وارو آهي مون کي 7 فٽ ويڪري ۽ 8 فٽ ڊگهي موت جي ڪوٺڙي ۾ قيد ڪري رکيو ويو آهي. هي اها جڳهه آهي جيڪا خاص طور تي دهشتگردن ۽ انهن ماڻهن جي لاءِ مقرر هوندي آهي جن کي موت جي سزا ڏني وئي هجي.برطانوي ٽي وي چينل موجب عمران خان جي وڪيلن ٽي وي چينل ڏانهن اماڻيل سوالن جا جواب ڏنا. سوالن جي جوابن ۾ عمران خان چيو آهي ته مستقل نگراني ڪئي پئي وڃي، پرائيويسي جهڙي هر شيءَ کي ختم ڪيو ويو آهي، 71 سالن جي اڳوڻي رانديگر وڌيڪ چيو ته مان ملڪ ۾ جمهوري تبديلي جي لاءِ پرعزم ۽ تيار آهيان، هن وڌيڪ چيو ته اهڙي صورتحال جي باوجود مان نماز، مطالعي ۽ ورزش مان طاقت حاصل ڪئي آهي.ٽي وي چينل سان ڳالهيون ڪندي عمران خان چيو ته مان وزيراعظم اسٽارمر ۽ ان جي ڪابينه جنهن واقعي عوام جي حقيقي مرضي سان ۽ بنا ڪنهن چونڊ هيرا ڦيري جي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي کي چوان ٿو ته ٿورو سوچو ته اوهان جي انهي فتح کي چورايو وڃي، انهي منظرنامي جي تصوير ڏسو جنهن ۾ هڪ پارٽي مشڪل سان 18 سيٽون حاصل ڪري ۽ هڪ وڏي پارٽي جو مينڊيٽ چوري ڪري ورتو هجي.عمران خان وڌيڪ چيو ته جتي اوهان کان پارٽي جو نشان ئي ڦريو ويو هجي ۽ اوهان جي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو هجي، يا انهن کي انهي وقت تائين تڪليفون ڏنيون ويون هجن جيستائين اهي پنهنجون وفاداريون تبديل نه ڪن يا پوءِ سياست کان پاسيرا نه ٿي وڃن. ٿورو سوچو رات جي اونداهي ۾ ماڻهن جي گهرن ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارن کي اغوا ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي پارٽي کي ظالماڻي طريقي سان دٻايو ويو آهي.










