ڊار جي نائب وزيراعظم طور مقرري خلاف درخواست تي نوٽيس جاري

ڊار جي نائب وزيراعظم طور مقرري خلاف درخواست تي نوٽيس جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ اسحاق ڊار جي نائب وزيراعظم طور مقرري خلاف داخل درخواست تي جلد ٻڌڻي لاءِ درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.سنڌ هاءِ ڪورٽ اسحاق ڊار جي نائب وزيراعظم جي مقرري خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران ڌرين کان 6 هفتن ۾ لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو.درخواستگذار جي وڪيل طارق منصور ايڊووڪيٽ عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته 6 هفتن کانپوءِ درخواست غير موثر ٿي ويندي، آئين ۾ ڊپٽي وزيراعظم جو ڪو به عهدو ناهي. اسحاق ڊار کي 90 لک رپين جي برابر مراعتون ملنديون، آئين ۾ وزيراعظم ۽ نگران وزيراعظم جي عهدي کانسواءِ ٻيو ڪو به عهدو ناهي.جسٽس يوسف علي سعيد پڇاڻو ڪيو ته ڇا 6 هفتن کانپوءِ ڊپٽي وزيراعظم جي مقرري ختم ٿي ويندي؟ درخواست جي ٻڌڻي لاءِ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، ايندڙ تاريخ تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ويندي.حڪومتي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پشاور ۽ لاهور هاءِ ڪورٽون به اهڙيون ئي درخواستون رد ڪري چڪيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو