ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي اڄ کان شهر جي گرمي پد ۾ گهٽتائي جي اڳڪٿي ڪئي آهي ۽ منجهند کان ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب اڄ شهر ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ۽ سامونڊي هوائون به بحال ٿي ويون آهن، هوا ۾ نمي جو تناسب 82 سيڪڙو آهي جڏهن ته شهر ۾ سامونڊي هوائون 21 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.موسميات کاتي موجب اڄ کان ڪراچي ۾ گرمي پد ۾ گهٽتائي ۽ منجهند کان ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم گرم ۽ خشڪ رهندي، جنهن دوران وڌ ۾ وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.










