ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ۾ آبادي جي وڌندڙ شرح سموري دنيا کان وڌيڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ستين آدمشماري تي شماريات کاتي طرفان رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي. شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب موجوده شرح ريٽ جي حساب سان 2050 تائين پاڪستان جي آبادي ٻيڻي ٿيڻ جو امڪان آهي، 2017 کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ آبادي ۾ اضافو 2023 ۾ رڪارڊ ڪيو ويو.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ 21 لک 26 هزار 79 افغاني، بنگالي، چائنيز ۽ ٻين ملڪن جا ماڻهو رهائش پذير آهن، پاڪستان ۾ 87 لک هندو، عيسائي، قادياني ۽ ٻين مذهبن جا ماڻهو آباد آهن.رپورٽ موجب 5 کان 16 سالن تائين جي 2 ڪروڙ 53 لک 70 هزار ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. پاڪستان ۾ ٽوٽل آبادي جو 3.10 سيڪڙو معذور آهي جن ۾ 3.30 سيڪڙو مرد جڏهن ته 2.88 سيڪڙو عورتون معذور آهن. پاڪستان ۾ 61 سيڪڙو لٽريسري ريٽ رڪارڊ ٿيو جن ۾ 6 سيڪڙو مرد ۽ 53 سيڪڙو عورتون پڙهيل لکيل آهن. شماريات کاتي جي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پنجاب ۾ 96 لک، سنڌ ۾ 78 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. خيبرپختونخواهه ۾ 49 لک جڏهن ته بلوچستان ۾ 50 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ آبادي وڌڻ جي شرح خطي ۾ سڀني کان وڌيڪ ريڪارڊ ڪئي وئي آهي، هاڻوڪي تناسب سان آبادي وڌندي رهي ته 2050 تائين ملڪ جي آبادي ٻيڻي ٿي ويندي،،،سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جو انگ 60 ڏهائي 14 سيڪڙو آهي، سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ 22 ڏهائي 23 سيڪڙو، بلوچي ڳالهائيندڙ 2 ڏهائي 17 سيڪڙو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ 15 ڏهائي 38 سيڪڙو آهن، سنڌ جي ڪل آبادي 5 ڪروڙ 56 لک 90 هزار آهي، شماريات کاتي ڊجيٽل آدمشماري 2023 جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، ڊجيٽل آدمشماري موجب سنڌ جي ڪل آبادي مان 52 ڏهائي 10 سيڪڙو مرد ۽ 47 ڏهائي 90 سيڪڙو عورتون آهن،ڊجيٽل آدمشماري جي انگ اکرن موجب ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪندڙ سنڌ جا 49 ڏهائي 32 سيڪڙو گهراڻا گئس تي رڌ پچاءُ ڪن ٿا،جاري انگ اکرن موجب سنڌ جا 44 ڏهائي 80 سيڪڙو گهراڻا اڄ به ڪاٺين تي رڌ پچاءُ ڪن ٿا، سنڌ جا 4 ڏهائي ٻڙي 7 سيڪڙو گهراڻا جانورن جي ڇيڻن تي رڌ پچاءُ ڪن ٿا، ڊجيٽل آدمشماري موجب سنڌ جي 70 ڏهائي 33 سيڪڙو آباديءَ کي بجلي جي سهولت حاصل آهي، 12 ڏهائي 58 سيڪڙو گهراڻا سولر استعمال ڪري رهيا آهن، ڊجيٽل آدمشماري موجب سنڌ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي جي آبادي هڪ ڪروڙ 88 لک 60 هزار آهي، حيدرآباد جي ڪل آبادي 19 لک 20 هزار ظاهر، سکر جي آبادي 5 لک 60 هزار ۽ لاڙڪاڻي جي آبادي 5 لک 50 هزار آهي










