مرحوم نذير ڍوڪي جي پارٽيءَ لاءِ ثابت قدمي کي هميشه ياد رکيو ويندو

مرحوم نذير ڍوڪي جي پارٽيءَ لاءِ ثابت قدمي کي هميشه ياد رکيو ويندو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيف ميڊيا ڪوآرڊينيٽر نذير ڍوڪي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مرحوم نذير ڍوڪي پارٽي لاءِ غير معمولي لڳن ۽ ثابت قدمي کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته نذير ڍوڪي جي لاڏاڻي جو ٻڌي کيس تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. ناصر شاهه چيو ته مرحوم نذير ڍوڪي جون پيپلز پارٽي لاءِ خدمتون ناقابل فراموش آهن. هن هميشه اڻ ٿڪ محنت ۽ لڳن سان ڪم کي پنهنجو اولين فرض سمجھيو. هن چيو ته نذير ڍڪي مرحوم شهيد بي بي ۽ صدر آصف علي زرداري جي بااعتماد ڪارڪنن مان هڪ هو. ناصر شاهه چيو ته ظلم ۽ آمريت جي دور ۾ جڏهن نظريي ۽ آئين کي هڪ پاسي ڪيو ويو ۽ جيل وڃڻ روز جو ڪم هو، نذير ڍوڪي ان وقت به پوئتي نه هٽيو. هن چيو ته دعاگو آهيان ته الله تعالٰي مرحوم نذير ڍوڪي کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي. آمين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو