پ پ جو چيف ميڊيا ڪوآرڊينيٽر لاڏاڻو ڪري ويو،بلاول جي تعزيت

پ پ جو چيف ميڊيا ڪوآرڊينيٽر لاڏاڻو ڪري ويو،بلاول جي تعزيت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جو چيف ميڊيا ڪوآرڊينيٽر نذير ڏهوڪي لاڏاڻو ڪري ويو.پ پ اڳواڻ شازيه مري چيف ميڊيا ڪوآرڊينيٽر جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو ته نذير ڏهوڪي بينظير ڀٽو جي ميڊيا ٽيم جي ميمبر طور ڪم شروع ڪيو.شازيه مري چيو ته پيپلز پارٽي نذير ڏهوڪي جي خدمتن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي.ٻئي طرف صدر آصف علي زرداري به پيپلز پارٽي جي چيف ميڊيا ڪوآرڊينيٽر نذير حسين ڏهوڪي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي سندس پيپلز پارٽي لاءِ ڪيل خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو.صدر مرحوم جي لاءِ مغفرت جي دعا ۽ جميل جي خاندان لاءِ صبر جي دعا ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو