ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير ۽ پ پ پ اڳواڻ سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي ڪارڪن جي حيثيت ۾ اسان عدالتن جو احترام ڪندا رهيا آهيون، عدالت اسان جو ليڊر کسيو. شهيد بي بي، آصف علي زرداري، محترمه فريال ٽالپر کي انصاف نه مليو. پيپلز پارٽي جي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني کي وزارت عظميٰ تان هٽايو ويو پر اسان کي انصاف نه مليو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خطاب ڪندي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سپريم ڪورٽ جو ڪالهه وارو فيصلو مبهم آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي اسان پريشان نه پر حيران آهيون، ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ ان ڪيس ۾ ڌر ئي نه هئي. هن چيو ته ڪالهه واري فيصلي موجب هاڻي سني ڪائونسل جا ميمبر نوان حلف ناما جمع ڪرائيندا، ڇا انهن تي هاڻي آرٽيڪل 62 ۽ 63 لاڳو نه ٿيندو؟ نڪاح عدت جي فيصلي تي اسان ڪو به تبصرو نه ڪندا سين. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڪراچي تي 2008 کان اربين رپيا خرچ ڪيا آهن جيڪي مخالفن کي نظر نه ٿا اچن، انهن ڪمن سبب اڄ ڪراچي جو ميئر به اسان جو آهي ۽ اسان کي پهريان کان وڌيڪ اڪثريت ملي آهي. موجوده عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي ڪاميابي پهريان کان وڌيڪ رهي. هن چيو ته ڪالهه جي فيصلي تي اسان کي تحفظات آهن پر پوءِ به اسان عدليه ۽ ادارن جو احترام ڪريون ٿا، پي ٽي آءِ سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو پي ٽي آءِ جي پنهنجي غلطين سبب ٿيو. پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرايون هيون، ڇا انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ به اليڪشن ڪميشن جي غلطي هئي؟ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته جيڪا ڳالهه مدعيت ۾ ناهي ان کي حق ۾ فيصلو ڏنو ويو. عدالتي فيصلي تي سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته فيصلي ۾ هڪ لائن نه هئي ته ”هڪ شخص کي آزاد ڪيو وڃي ۽ رات جو 9 وڳي تائين هن کان بطور وزيراعظم جو حلف کڻايو وڃي.“ هن چيو ته اليڪشن جو عمل وقت تي ٿيندو، چونڊ سڌارن جي سڀ گڏجي ويهي ڳالهه ڪري سگهن ٿا، سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ملڪ جي موجوده صورتحال پي ٽي آءِ جي گذريل حڪومت جي ڪري آهي، اهو ماڻهو چوندو هو ته خودڪشي ڪري ڇڏيندس پر آءِ ايم ايف وٽ نه ويندس. ساڳئي شخص بعد ۾ معاشي حالتون خراب ڪري هليو ويو.هن چيو ته اسان سني اتحاد ڪائونسل يا پي ٽي آءِ کي حڪومت ٺاهڻ جي آڇ ڪئي هئي، اسان حمايت ڪندا سين، ن ليگ اسان جي خلاف اتحاد ٺاهيو پر اسان جمهوريت خاطر انهن جو ساٿ ڏنو، اسان پارليامينٽ جي استحڪام لاءِ پي ايم ايل اين جي حمايت ڪئي. اسان پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيون ها ته سياسي بحران پيدا ٿئي ها ۽ اسان کي نئين چونڊ لاءِ وڃڻو پوي ها. سيد ناصر شاهه چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان اڳ ميڊيا ۽ عوام کي ڪيئن خبر پوندي آهي؟ کين ڪيئن اطلاع ملندو آهي ته اهو فيصلو اچڻ وارو آهي، هاڻي اهڙي صورتحال ناهي ته ميان شهباز شريف استعيفيٰ ڏئي.










