ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا عدت ڪيس جي فيصلي تي رد عمل ۾ چيو آهي ته انهي فيصلي کان پوءِ به عمران خان جي آزادي ممڪن نه آهي.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته عدت ڪيس شرمناڪ هو، ذاتي زندگي کي سياست ۾ آندو ويو پر اڄ جي بريت جي باوجود عمران خان جي آزادي اڃان تائين ممڪن نه ٿيندي ڇو ته اڃان به تمام گهڻا مرحلا آهن.هن چيو ته ڪالهه آئين ۽ قانون کان مٿانهون هڪ فيصلو آيو، ڪالهوڪي فيصلي سان پي ٽي آءِ جون پريشانيون وڌيون آهن. ڪوبه ڪيتري به آئين ۽ قانون کان مٿانهون ٿي رعايت ڏئي ڇڏي پر جيت قانون جي ٿيندي ڪيترائي مرحلا اڃان باقي آهن، اڃان پي ٽي آءِ باني کي ٻين ڪيسز کي منهن ڏيڻو آهي.فيصل واوڊا چيو ته جيڪڏهن ائين ئي آئين ۽ قانون کان مٿانهيون رعايتون ڏيندا رهنداسين ته آئين ۽ قانون جي اندر جيترا به ادارا آهن اهي اوهان جي سامهون اچي بيهي رهندا. سياسي فيصلا عدالتي فيصلا بڻجندا ته انهي سان پريشانيون وڌنديون.










