ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ 8، 9 ۽ 10 محرم الحرام جي جلوس لاءِ ٽريفڪ پلان جاري ڪيو ويو آهي. مرڪزي جلوس نشتر پارڪ کان نڪري حسينيه ايرانيان کھارادر تي اختتام پذير ٿيندو.ٽريفڪ پوليس جي اعلان موجب گرومندر چوڪ کان ٻاهر جلوس جي روٽ تي ٽريفڪ کي وڃڻ نه ڏنو ويندو، جلوس دوران ايم اي جناح روڊ کي عام ٽريفڪ لاءِ بند رکيو ويندو.پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پرمٽ رکندڙ گاڏين کي ايم اي جناح ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي.ٽريفڪ پوليس موجب جلوس دوران گرومندر کان ٽاور تائين ايم اي جناح روڊ بند رهندو، ناظم آباد کان ايندڙ ٽريفڪ کي لسبيلا چوڪ ۽ نشتر روڊ ۽ باغيچن کان گذرڻ ڏنو ويندو. لياقت آباد کان ايندڙ ٽريفڪ کي ٽن هٽي کان لسبيلا چوڪ طرف موڙيو ويندو.










