ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ڪابينا ڪارونجهر ۽ ننگرپارڪر کي پروٽيڪٽڊ ايريا قرار ڏيندي ڪنهن کي به ڪٽائي ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو، سنڌ ڪابينا جي اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي معدنيات واري وزير سردار شاهه چيو ته ڪارونجهر کان 20 ڪلوميٽرز جي فاصلي تي خارسر جو علائقو گرينائيٽ ڪڍڻ لاءِ ايف ڊبليو او کي ليز تي ڏنل آهي،هن چيو ته کار سر جي علائقي مان گرينائيٽ ڪڍڻ جو معاملو به سپريم ڪورٽ ۾ آهي، خار سر مان گرينائيٽ ڪڍڻ بابت فيصلو سپريم ڪورٽ کي ڪرڻو آهي، ڪارونجهر ۽ ننگر پارڪر جون سموريون پهاڙيون پروٽيڪٽڊ ايريا آهن،سردار شاهه چيو ته ايس آءِ ايف سي جي اجلاس ۾ گرينائيٽ ڪڍڻ جي ڳالهه ڪئي وئي ته اسان موقف اختيار ڪيو ته مقامي ماڻهن جي مخالفت وارو ڪو به منصوبو شروع نه ڪيو ويندو،پريس ڪانفرنس دوران سردار شاهه وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي جي قيادت ان معاملي تي بلڪل چٽي آهي ته ڪا به ترقي عوامي مخالفت جي قيمت تي نه ڪئي ويندي










