پي ٽي آءِ سنڌ  پاران ڪراچي ۾ وڻڪاري مهم شروع

پي ٽي آءِ سنڌ پاران ڪراچي ۾ وڻڪاري مهم شروع

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ سنڌ پاران ڪراچي ۾ وڻڪاري مهم شروع ڪئي وئي، پي ٽي آءِ پاران ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ 2 لک ٻوٽا لڳاياويندا، مهم جي شروعات صدر ٽائون ۾ اسماعيل دل جي پارڪ کان ڪئي وئي، پي ٽي آءِ اڳواڻ پهرين مرحلي ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 50 هزار ٻُٽا لڳندا، جنهن کان پوءِ ڪراچي جي ٻين ضلعن ۾ به ٻھُٽا لڳائيندا، ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ ڪراچي جي صدر راجا اظهر چيوته سخت گرمي جي ڪري ٻوٽا لڳائڻ جي سخت ضرورت آهي، سنڌ حڪومت ڪراچي کي لاوارث ڇڏي ڏنو آهي، ڪراچي کي بچائڻ لاءِ وڻڪاري مهم وقت جي ضرورت آهي، هن چيوته اسان جي باني چيئرمين عمران خان بلين ٽري سونامي جي نالي سان وڻڪاري مهم شروع ڪئي هئي، خان صاحب جي انهي ويزن مطابق اسان ڪراچي کان وڻڪاري مهم شروع ڪئي آهي، ڪراچي شهر سڄي ڪراچي کي پالي ٿو، پر جڏهن ڪراچي جو وارو اچي ٿو ته ڪراچي کي لاوارث ڇڏيو وڃي ٿو، سنڌ حڪومت بجيٽ ۾ نظر اندا ڪري ڇڏيو آهي، راجا اظهر چيوته ڪراچي جي اسٽيڪ هولڊرنز کي دعوت ڏيون ٿا ته اهي به ڪراچي ۾ وڻڪاري مهم جو حصو بڻجن، ڪراچي ۾ پٿرن جو شهر ناهي بڻايو، ڪراچي کي اسان گرين سٽي بڻائينداسين، جيڪيو ڪراچي جو حق آهي، اسلام آباد گرين سٽي بڻجي سگهي ٿو ته ڪراچي ڇو نه ٿو گرين سٽي بڻجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو