سنڌ ۾ عملي طور تي ڌاڙيل راڄ نافذ آهي

سنڌ ۾ عملي طور تي ڌاڙيل راڄ نافذ آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمدحسين محنتي چيو آهي ته مهانگي بجلي، ظالماڻين ٽيڪسن خلاف جمع12 جولاءِ تي مرڪزي امير حافظ نعيم الرحمن جي اڳواڻي ۾ اسلام آباد ۾ تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو، آءِ ايم ايف جي اشارن تي بجلي جي اگهن ۾ لاڳيتو اضافو ڪري صنعتن کي تباه ۽ عوام کي ذهني مريض بڻايو پيو وڃي، مهانگائي، بجلن بلن ۾ لاڳيتو اضافي سميت حڪومت جي عوام دشمن قدمن خلاف جماعت اسلامي جي پُرامن جدوجهد جاري رهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ سنڌ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ 12 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ رٿيل ڌرڻي جي حوالي سان تيارين جي جائزي سميت ٻين دعوتي ۽ تنظيمي مامرن جو پڻ جائزو ورتو ويو. صوبائي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ گذريل اجلاس جي فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو پيش ڪيو، صوبائي امير وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي “ عزم استحڪام آپريشن” جي سخت مخالف آهي ڇو ته هي ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ ناهي آپريشن سان ملڪ ۾ استحڪام بدران عدم استحڪام ايندو، حڪومتي ڪُل جماعتي ڪانفرنس جو اعلان سٺو سنوڻ آهي، پر اها ڪانفرنس آپريشن جي اعلان کان اڳ ۾ ٿيڻ گهرجي ها ته بهتر ٿئي ها. سنڌ ۾ عملي طور تي ڌاڙيل راڄ نافذ آهي عوام ڏينهن هجي يا رات غير محفوظ آهن، هن وقت به درجنين ماڻهو ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهن، گهرو وزير پاران پوليس ۾ رٽائرڊ فوجين کي ڀرتي ڪرڻ جو اعلان شڪست جو اعتراف آهي، پوليس سميت سيڪورٽي ادارن جا قلعا هجڻ باوجود پنو عاقل، گهوٽڪي، ڪشمور ۽ شڪارپور ۾ بدامني ۽ لاقانونيت جي بدترين صورتحال سمجهه کان ٻاهر آهي. جيسيتائين حڪومت سنجيده قدم کڻي ظالم سردارن، ،پوليس ۾ موجود ڪارين رڍن ۽ ڌاڙيلن جي ڳٺ جوڙ کي ختم نٿي ڪري ان وقت تائين امن امان قائم ٿيڻ ممڪن نظر نٿو اچي. ڳري بجيٽ، نفري ۽ جديد هٿيارن باوجود سنڌ حڪومت آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڌاڙيلن جو خاتمو به نٿي ڪري سگهي، سنڌ ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ جي صورتحال جتي عالمي طور بدنامي جو باعث بڻجي رهي آهي اُتي پوليس جي کاتي ۾ موجود ڪارين رڍن جي ڪمائي جي نالي تي نالي ماتر آپريشن ٿي رهيو آهي. پيپلزپارٽي جي گذريل دور جي آخر ۽ نگران حڪومت ۾ آپريشن جي نالي تي قومي خزاني مان اربين رپيا خرچ ڪيا ويا، پر ان جو نتيجو صفر نڪتو هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر پ پ حڪومت ڌاڙيلن جي مقابلي لاءِ جديد هٿيار خريد ڪرڻ جو ڀاشن ڏيڻ شروع ڪيو آهي، سنڌ جي استحڪام لاءِ ڪي پي ۽ بلوچستان بدران هتي فوجي آپريشن ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو