ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ حڪومت نئين نسل خاص ڪري ٻارن کي منشيات جي خطري کان بچائڻ لاءِ ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اجلاس ۾ اطلاعات، ايڪسائيز ۽ نارڪوٽڪس واري سينيئر وزير شرجيل ميمڻ، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن سليم راجپوت، ڊي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول عثمان صديقي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس واري وزير شرجيل ميمڻ وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته هن حيدرآباد ۾ منشيات جي اسمگلنگ تي ضابطو آندو آهي ۽ ڪراچي جي تعليمي ادارن ۽ ڪچي آبادين ۾ رسائي کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا آهن. ان تي وڏي وزير چيو ته تعليمي ادارن ۾ هٿرادو منشيات جو استعمال اسان جي ٻارن لاءِ وڌو خطرو آهي. هن چيو ته مان ان کي هميشه لاءِ روڪڻ چاهيان ٿو جنهن لاءِ پوليس، اي اين ايف ۽ ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس کاتي کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. سينئر وزير صوبي ۾ ٻين صوبن جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ايڪسائيز ۽ نارڪوٽڪس چيڪ پوسٽون قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته سنڌ ۾ منشيات جي اسمگلنگ تي ضابطو آڻڻ لاءِ حب جي ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس چيڪ پوسٽ جيڪا 2007ع ۾ بند ڪئي وئي هئي، کي بحال ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي وٽ 47 پوليس اسٽيشنون آهن جن ۾ ڪراچي ۾ 6، حيدرآباد ۾ 11، سکر ۾ 8، لاڙڪاڻي ۾ 10، ميرپورخاص ۾ 5 ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 7 پوليس اسٽيشنون آهن. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته کاتي وٽ ڪراچي ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ 3-3، حيدرآباد، سکر ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ 2-2 چيڪ پوسٽون آهن. مراد علي شاهه ايڪسائيز ۽ نارڪوٽڪس واري وزير کي هدايت ڪئي ته نارڪوٽڪس پوليس کي ضروري سامان، گاڏين ۽ گيجٽس سان وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي ته جيئن اهي پوري صلاحيت سان ڪم ڪري سگهن.










