ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )ڪراچي جي علائقي بلوچ ڪالوني ايڊمن سوسائٽي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.پوليس موجب 4 هٿياربند ڌاڙيل هوٽل ۾ داخل ٿيا، ڦر دوران مزاحمت تي جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني.پوليس جو چوڻ آهي ته سندس ساٿين جي فائرنگ ۾ هڪ ڌاڙيل به زخمي ٿي پيو، جنهن کي هٿيارن سميت گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس موجب ٻئي جوابدار فائرنگ بعد فرار ٿي ويا، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.










