پڪنڪ تي  ويندڙ بس تيز رفتاري سبب ڪلٽي،7 ڄڻا اجل جو شڪار

پڪنڪ تي ويندڙ بس تيز رفتاري سبب ڪلٽي،7 ڄڻا اجل جو شڪار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ماڙي پور ويجهو تيز رفتار بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 7 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.ريسڪيو اختيارين موجب ماڙي پور ٽرڪ بيس ڀرسان بس اونڌي ٿي وئي، حادثي ۾ 4 ٻارڙن ۽ 2 عورتن سميت 7 ڄڻا فوت ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، حادثي جو شڪار مسافر پڪنڪ لاءِ وڃي رهيا هئا.ريسڪيو عملدارن موجب حادثي ۾ زخمي ٿيلن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو