ٽرڪ جو ٻن موٽر سائيڪلن ۽ رڪشا کي ٽڪر، 3 ڄڻا فوت، 7 زخمي

ٽرڪ جو ٻن موٽر سائيڪلن ۽ رڪشا کي ٽڪر، 3 ڄڻا فوت، 7 زخمي

حيدرآباد: (ن س) حيدرآباد ۾ ٽرڪ جو ٻن موٽر سائيڪلن ۽ رڪشي کي ٽڪر جي نتيجي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا فوت جڏهن ته 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب حادثو حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد ۾ مهران آرٽس ڪائونسل ڀرسان پيش آيو حادثي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا فوت جڏهن ته 7 زخمي ٿي پيا آهن.پوليس موجب ريتي سان ڀريل ٽرڪ جو بريڪ فيل ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ ٽرڪ ٻن موٽر سائيڪلن کي چيڀاٽيندو رڪشا کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل ۽ رڪشا ۾ سوار 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو