ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ غير قانوني ايل اين جي ۽ ايل پي جي سلينڊر جي دڪانن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.حيدرآباد ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب 27 ڄڻا فوت ٿيڻ کانپوءِ صوبي ۾ غير قانوني ايل اين جي ۽ ايل پي جي سلينڊر جي دڪانن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. فيصلي موجب سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي پوسٽون جاري ڪيون ويون آهن.خط ۾ صوبي جي ڊپٽي ڪمشنرن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته اهي غيرقانوني ايل اين جي ۽ ايل پي جي سلينڊر جا دڪان شهرن کان ٻاهر منتقل ڪن، دڪانن جو معائنو ڪري هر هفتي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته غير معياري سلينڊر ضبط ڪيا وڃن، ايل اين جي ۽ ايل پي جي جا دڪان مارڪيٽن ۽ رهائشي علائقن کان پري منتقل ڪيا وڃن.










