جنگشاهي(ن ج) جنگشاهي ڪوھستان ۾ گرمي جي شديد لھر سبب 25 ماڻھو بيھوش ٿي ويا، بيھوش ٿيندڙ مريضن کي رورل هيلٿ سينٽر جنگشاهي ۾ آندو ويو، رورل هيلٿ سينٽر جنگشاهي ۾ دوائن جي کوٽ سبب مريضن کي مڪلي سول اسپتال ريفر ڪيو ويو، انکان علاوه ڪي فور منصوبي تي ڪم ڪندڙ 12 ملازم پڻ گرمي جي لھر برداشت نه ڪرڻ سبب بيھوش ٿي ويا، ان موقعي تي جنگشاهي جي سماجي اڳواڻ وزير صحت سنڌ ڊاڪٽر عزرا پيچوهو ۽ ريجنل مئنيجر مرف آدم ملڪ کان مطالبو ڪندي چيو تہ رورل هيلٿ سينٽر جنگشاهي ۾ دوائن جي کوٽ فوري طور تي ختم ڪئي وڃي ۽ ھڪ ليڊي ڊاڪٽر کي پڻ رکيو وڃي، ٻئي طرف ھيٽ اسٽروڪ ھئڻ باوجود جنگشاهي شھر ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل 21 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جاري آھي، گذريل ڏينھن جنگشاهي جي چونڊيل عوامي نمائندن ۽ سماجي اڳواڻ پاران واپڊا عملدارن سان ملاقات ڪئي جنھن کانپوءِ واپڊا عملدارن اڳواڻ کي يقين ڏياريو تہ جنگشاهي شھر ۾ 21 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ کان گھٽائي ڪري 18 ڪلاڪ ڪئي ويندي ۽ جولائي جي مھيني ۾ لوڊشيڊنگ 12 ڪلاڪ ڪئي ويندي پر انتي بہ واپڊا عملدارن عمل نہ ڪيو.










