تنگواڻي (ن س )تنگواڻي مان گم ڄاڻايل 2 ڄڻن جي اغوا جي تصديق ٿي وئي، مغوين جي گهرن ۾ روڄ راڙو مچي ويو ڌاڙيلن مغوي حبيب الله ڏاهاڻي ۽ حبيب الله گجراڻي جي بازيابي لاءِ وارثن کان 30 لک روپيا ڀنگ گهري ورتو، وارثن جو چوڻ آهي ته ٻئي مغوي پورهيت آهن، 30 لک روپين جي رقم ڪٿان آڻيون؟،هنن چيو ته ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيون ٿا ته ٻنهي مغوين جي فوري بازيابيءَ لاءِ قدم کنيا وڃن










