ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي دبئي مان ڪراچي پهچڻ تي ڪوڙي پاسپورٽ تي سفر ڪندڙ افغان شهري کي گرفتار ڪيو آهي. گرفتار جوابدار جي پاسپورٽ تي ڪراچي ۽ دبئي سفر ڪرڻ جا ڪوڙا ٺپا لڳل آهن. جوابدار ڪوڙن ڪاغذن تي ٽنڊو الله يار شهر جي ايڊريس ڄاڻائي شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ٺهرايو آهي. هنکي اينٽي هيومن اسمگلنگ سيل حوالي ڪيو ويو آهي.










