حب پمپنگ اسٽيشن تي  بريڪ ڊائون، 66 انچ ايم ايس لائين متاثر

حب پمپنگ اسٽيشن تي بريڪ ڊائون، 66 انچ ايم ايس لائين متاثر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)حب پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جي بريڪ ڊائون سبب 66 انچ جي ايم ايس لائين متاثر ٿي، لائين ڦاٽڻ سبب ضلعي غربي ۽ ڪيمريءَ جا ڪجهه علائقا متاثر ٿيندا.واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب واٽر ڪارپوريشن جا عملدار حب پمپنگ اسٽيشن تي پهچي متاثر لائين جو معائنو ڪيو.ترجمان جو چوڻ آهي ته ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تان شهر کي پاڻي جي فراهمي معمول موجب جاري آهي، جڏهن ته حب پمپنگ اسٽيشن تان شهر کي پاڻي جي فراهمي عارضي طور تي معطل رهندي.واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب شهر کي 650 ايم جي ڊي پاڻي مان 80 ايم جي ڊي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو.ترجمان موجب ڪرش پلانٽ ون ۽ ڪرش پلانٽ ٽو هائيڊرنٽس تي آن لائين ٽينڪر سروس به معطل رهندي.چيف انجنيئر واٽر ڪارپوريشن جو چوڻ آهي ته متاثر لائين جي مرمت جو ڪم ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو