ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي عزيز آباد ٿاڻي جي حد عائشـ منزل وٽ فٽ پاٿ تي ستل حيدرآباد واسڻ ڇھن مھينن جي معصوم نياڻي کي موٽرسائيڪل تي سوار 2 جوابدار اغوا ڪري ويا واقعي جو ڪيس داخل پوليس اغوا ٿيل معصوم نينگري کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام امڙ سندس جي روئي روئي بي حال، خبرموجب ڪراچي عزيز آباد ٿاڻي جي حد عائشا منزل وٽ فٽ پاٿ تي ستل حيدرآباد جي رھواسڻ ڇھن مھينن جي معصوم نينگري مھڪ اغوا ٿي وئي موٽرسائيڪل تي سوار ٻـ جوابدار گذريل رات دير سان ننڊ ستل ڇھن مھينن جي معصوم نينگري مھڪ کي عائشـ منزل وٽان اغوا ڪري کڻي ويا معصوم نينگري جي امڙ ميگھو جي فرياد تي عزيز آباد ٿاڻي تي ٻن نامعلوم جوابدارن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي اغوا ٿيل نينگري جي امڙ داخل ڪرايل ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي تـ اسان حيدرآباد جا رھواسي آھيون عيد الاضحي’ تي جانور کپائڻ آيا ھئاسين جيڪي کپاڻ بعد ڪجھ پئسا رھيل ھئا جنھن جي ڪري ڪجھ ڏينھن رھجي وياسين ھن چيو تـ منزل پمپ فٽ پاٿ وٽ اسان ننڊ پيل ھئاسين اٿي سجاڳ ٿيس منھنجي ڇھن مھينن جي نياڻي ڪو نـ ھئي جنھن بعد اتي موجود ماڻھن ٻڌايو تـ موٽرسائيڪل تي سوار ٻـ نامعلوم ماڻھو ننڊ ستل منھنجي نياڻي کي کڻي ويا آھن ھن چيو تـ منھنجي ڇھن مھينن جي نياڻي مھڪ کي بازياب ڪرايو وڃي.










