سنڌ ليبر ڪوڊ مزدور دشمن آهي، رد ڪريون ٿا، جماعت اسلامي

سنڌ ليبر ڪوڊ مزدور دشمن آهي، رد ڪريون ٿا، جماعت اسلامي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي ليبر ڪوڊ کي مسترد ۽ مزدور دشمن قرار ڏيندي زور ڏنو آهي ته سنڌ حڪومت ان حوالي سان مزدور اڳواڻن کي اعتماد ۾ وٺي، محنت ڪش طبقو ملڪ جو قيمتي سرمايو آهي، ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ ان جو سڀ کان وڏو ڪردار آهي، محنت ڪش طبقي سان ناانصافي هرگز قبول ناهي، ليبر ڪوڊ تجويزون سرمائيداراڻي نظام کي وڌيڪ طاقتور، مزدورن کي لاوارث، ٽريڊ يونينز جي حوصله شڪني ۽ سندن ڳلو ڪپڻ برابر آهن. ٻي طرف بدترين مهانگائي، بيروزگاري جي ڪري مزدور طبقي لاءِ ساهه ۽ جسم جو رشتو بحال رکڻ به محال ٿي پيو آهي. اهڙين حالتن ۾ سنڌ ليبر ڪوڊ جون سفارشون مزدورن کي بيگار ڪيمپ ۾ ڌڪڻ برابر آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ليبر فيڊريشن (NLF) سڌ جي صدر شڪيل احمد خان جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪندڙ وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا پڻ موجود هو. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته عوامي ۽ جمهوري پارٽي هئڻ جي دعويدار پيپلزپارٽي جي حڪومت پاران مزدور دشمن قانونسازي ڪرڻ فڪر جوڳو مقام آهي، سنڌ ليبر ڪوڊ کي سڀني مزدور تنظيمن رد ڪيو آهي، جماعت اسلامي مظلومن سان گڏ ۽ مزدور دشمن ليبر ڪوڊ خلاف مزدورن سان گڏ آهي. ليبر ڪوڊ جو مسودو مزدورن جي نمائندن سان گڏيل صلاح مشاورت سان تيار ناهي ڪيو ويو ان کي ILO پاڪستان جي نمائندن ۽ ليبر ڊپارٽمنٽ سنڌ جي مخصوص آفيسرن تيار ڪيو آهي جنهن لاءِ هڪ پرائيوٽ ڪنسلٽنٽ جون خدمتون حاصل ڪيون ويون هيون. جيڪڏهن محنت ڪش ۽ مزدورن جي باري ۾ ڪا قانون سازي ڪرڻي به هئي ته ليبر اسٽيڊنگ ڪميٽي جي سامهون ان کي پيش ڪيو وڃي ها، مزدورن ۽ آجرن جي نمائنده فورم کي ڇو نظرانداز ڪيو ويو. اين ايل ايف سنڌ جي صدر شڪيل احمد خان صوبائي امير کي ليبر ڪوڊ جي مزدور دشمن قدمن کان آگاهه ڪندي چيو ته ليبر ڪوڊ جي نالي تي مزدورن جو استحصال ڪري ٺيڪيداري نظام کي مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان جو بنيادي اختلاف فقط ان ڳالهه تي آهي ته اسين ڪانٽريڪٽ ليبر کي هرگز تسليم نه ڪنداسين ڇو ته اهو ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي ايجنڊا جو حصو آهي. مزدورن جي حقيقي نمائندن سان مشورو ڪرڻ بنا جيڪڏهن موجوده ليبر قانون ۾ تبديلي ڪئي وئي ته ان جي سڄي ملڪ ۾ مخالفت ڪنداسين، اين ايل ايف کي ليبر ڪوڊ ڪنهن به شڪل ۾ منظور ناهي. ليبر ڪوڊ جوڙڻ مهل ڄاڻي واڻي ليبراسٽيڊنگ ڪميٽي کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ هڪ من پسند ڪميٽي ذريعي قانونسازي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن جي اسان مذمت ڪريون ٿا. محنت ڪش طبقي جي حقيقي نمائندن سان مشاورت ڪرڻ بنا جيڪڏهن مزدورن جي باري ۾ قانونسازي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سڄي ملڪ ۾ ان جي ڀرپور مزاحمت ڪنداسين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو