مزاري جو حسن اسڪوائر آفيس جو دورو، غير حاضر آفيسر معطل

مزاري جو حسن اسڪوائر آفيس جو دورو، غير حاضر آفيسر معطل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار بين الصوبائي رابطا ۽ ڪوآپريٽو سنڌ احسان الرحمان مزاري جو حسن اسڪوائر رجسٽرار آفيس جو اوچتو دورو ڪيو. سنڌ جي بين الصوبائي تعاون ۽ ڪوآپريٽو کاتي بابت وزيراعليٰ سنڌ جو صلاحڪار احسان الرحمان مزاري 11 وڳي رجسٽرار آفيس پهتو، جتي وڏي وزير جي صلاحڪار آفيسرن جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسسٽنٽ رجسٽرار محمد عثمان خاصخيلي کي مسلسل غير حاضر رهڻ تي معطل ڪري ڇڏيو. احسان الرحمان مزاري پنهنجي نگراني ۾ حسن اسڪوائر رجسٽرار آفيس ۾ بائيو ميٽرڪ سسٽم کي فعال ڪرائيندي سيڪريٽري ڪوآپريٽو ڊپارٽمينٽ سنڌ اطهر ميراڻي کي سمورن آفيسرن ۽ عملي جي حاضري کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار سيڪريٽري، رجسٽرار ۽ سمورن آفيسرن کي هدايتون ڏنيون ته هو عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪن. ان موقعي تي رجسٽرار وسيم الدين ۽ ڊپٽي رجسٽرار منصور صديقي سميت لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا. سنڌ جي وڏي وزير جي بين الصوبائي رابطا ۽ ڪوآپريٽو بابت صلاحڪار احسان الرحمان مزاري چيو آهي ته اوچتو دوري جو مقصد رجسٽرار آفيس ۾ ڪم جو جائزو وٺڻ هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو