غزه ۾ جنگ بندي بابت آمريڪي تجويزن جي حمايت ۾ ٺهراءُ  منظور

غزه ۾ جنگ بندي بابت آمريڪي تجويزن جي حمايت ۾ ٺهراءُ منظور

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل غزه ۾ جنگ بندي جي آمريڪي تجويز جي حمايت ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو.سلامتي ڪائونسل ۾ قرارداد جي حق ۾ 14 ووٽ پيا جڏهن ته هڪ ميمبر به ووٽ نه ڏنو.خبرن جي ايجنسين موجب روس قرارداد جي منظوري ۾ حصو نه ورتو.اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگبندي جي تجويز آمريڪي صدر جو بائيڊن منظور ڪري ورتي.پرڏيهي ميڊيا موجب 15 رڪني ڪائونسل جي ميمبرن هڪ هفتي تائين قرارداد جي مسودي تي بحث ڪيو، جنهن کانپوءِ آمريڪا قرارداد کي حتمي شڪل ڏني.ٺهراءُ موجب اسرائيل جنگ بندي جي هن تجويز کي قبول ڪري ورتو آهي.ٺهراءَ ۾ حماس کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو ان قرارداد کي قبول ڪن ۽ ٻنهي ڌرين کي بنا ڪنهن دير جي قرارداد تي عملدرآمد ڪرايو وڃي.قرارداد موجب ٻنهي ڌرين ۾ ڳالهيون ٿينديون ۽ ان دوران جنگبندي برقرار رهندي.مارچ ۾ سلامتي ڪائونسل غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ حماس پاران اسرائيلي يرغمالين کي فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو