ڪراچي ۾ برسات جولائي جي پهرين هفتي ۾ ٿيندي

ڪراچي ۾ برسات جولائي جي پهرين هفتي ۾ ٿيندي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته ڪراچي ۾ جولاءِ جي شروعات ۾ مون سون جون برساتون شروع ٿي سگهن ٿيون، هن سال سنڌ ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون پوڻ جو امڪان آهي.چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز موجب ڪراچي ۾ جون ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي.چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز موجب جون ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 37 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گرمي جي شدت يا هيٽ ويو ۾ وڌيڪ واڌ جو ڪو به امڪان ناهي.چيف ميٽولوجسٽ جو اهو به چوڻ هو ته هن وقت سامونڊي هوائن سبب شام ۾ جزوي ابر آلود ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو