بيجنگ (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف سان چيني صدر شي جن پنگ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي اپ گريڊيشن تي اتفاق ڪيو. چين جي راڄڌاني بيجنگ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيني صدر شي جن پنگ سان ڊگهي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جا وزير ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چين ۾ شاندار استقبال تي صدر شي جن پنگ جو شڪريو ادا ڪيو ۽ صدر شي جن پنگ جي 2015ع ۾ پاڪستان جي دوري کي ياد ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پائيدار پارٽنرشپ تي زور ڏنو ۽ سياسي، سيڪيورٽي، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته والاريل ڪشمير سميت افغانستان، فلسطين ۽ ڏکڻ ايشيا جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.پارٽين هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن لاءِ پنهنجي ڊگهي سهڪار کي ورجايو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت کي يقيني بڻايو ويندو.هن چيو ته حڪومت جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جو ايجنڊا چين جي گڏيل خوشحالي جي تصور تي ٻڌل آهي.ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ جي اپ گريڊيشن ۽ ترقياتي منصوبن کي ٻئي مرحلي ۾ شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.صدر شي جن پنگ وزيراعظم جي اعزاز ۾ ڊنر پڻ ڏني ۽ ان ڊنر ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.










