ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ۾ امڪاني طوفان ۽ ٻوڏ جي تباهي کي منهن ڏيڻ بابت اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني ۽ روينيو ۽ بحالي واري صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، سيڪريٽري بحالي، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، سيڪريٽري اطلاعات، پوليس، آرمي، حيسڪو، سيپڪو جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سمورن ڊويزنل ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن وڊيو لنڪ ذريعي پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بحالي واري صوبائي وزير وزير مخدوم محبوب الزمان ٻوڏ ۽ برساتن جي حوالي سان ڪيل انتظامن تي اگاهي ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ ۾ جولاءِ کان سيپٽمبر تائين معمول کان وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي 05 کان 9 لک ڪيوسڪ پاڻي برساتن ۽ گليشيئرن جي پگھلڻ سان سنڌو درياهه ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. اجلاس ۾ آگاهي ڏني وئي ته 2022 جي برساتن ۾ پڊعيدن ۾ معمول کان 1026 سيڪڙو وڌيڪ برساتون رڪارڊ ڪيون ويون، 2022 جي مون سون ۾ لاڙڪاڻي ۾ معمول کان 584 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيون. ڪراچي، ڄامشورو ۽ سکر جي گودامن ۾ 3 لک ٽيلنٽ، 19 لک مڇر داني، 572 هيوي واٽرنگ پمپ آهن. گڏجاڻي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ پاران سمورن ادارن کي موسميات کاتي ۽ پي ڊي ايم اي سان رابطي ۾ رهڻ جي ھدايتون پڻ ڏنيون ويون. چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايتون ڏنيون ته هو ضلعي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جا اجلاس ڪري هنگامي سامان، مشينري، ۽ پاڻي ڀرڻ وارا پمپ ۽ ريسڪيو اهلڪارن جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي، ضلعي ۾ سمورن وسيلن، لائف جيڪٽس، ٻيڙين، ريسڪيو اهلڪارن ۽ سموري مشينري جي انوينٽري تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. هن چيو ته موسمياتي تبديلين سبب معمول کان وڌيڪ برساتون ۽ ٻوڏون اچي رهيون آهن. برساتن سبب سنڌ جي وڏن شهرن کي شهري ٻوڏ جو خطرو آھي. رليف کاتي پاران سمورن ادارن کي موسم جي صورتحال ۽ انتظامن بابت آگاهي ڏني وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياهه جي ڪچي جي علائقي جي ماڻهن کي به صورتحال کان آگاهه رکيو وڃي. چيف سيڪريٽري سنڌ صحت کاتي کي هدايتون ڏنيون ته هو اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري دوائن جي فراهمي بڻائڻ ۽ مليريا ۽ پاڻي مان ٿيندڙ بيمارين کان بچاءُ جي دوائن کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي نارمل، وچولي ۽ وڏي درجي جي ٻوڏ لاءِ هنگامي منصوبو تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ انتظامن جي لاڳاپيل آبپاشي، بحالي واري کاتي ۽ ضلعي انتظاميا کي سمورن فنڊز جي فراهمي جو يقين ڏياريو. اجلاس ۾ مڪاني کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته بلدياتي نمائندن کي به بحالي جي ڪمن ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ يوسي سطح تي امدادي ڪئمپون قائم ڪيا ويندا. مڪاني واري وزير وڌيڪ چيو ته راشن ٽينٽ ۽ ٻئي ضروري سامان کي ضلعي سطح تي گودامن ۾ رکيو وڃي. گذريل برساتن ۾ راشن ۽ سامان جي منتقلي ۾ وڏا مسئلا درپيش آيا هئا. هن چيو ته حيدرآباد ۾ واسا کي فنڊ جلد فراهم ڪيا ويندا ته جيئن شهر ۾ نالن جي صفائي کي يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ آبپاشي واري سيڪريٽري درياء بچاءُ بند ايل بي او ڊي ۽ بلوچستان کان آيل پاڻي مان پيدا ٿيندڙ صورتحال جي حوالي سان پڻ اجلاس ۾ اگاهي ڏني.










