قتل ڪيسن ۾ واڌ تي خوشي ناهي ڏک پهتو،لنجار

قتل ڪيسن ۾ واڌ تي خوشي ناهي ڏک پهتو،لنجار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار چيو آهي ته ڪراچي ۾ ٿيندڙ قتل عام تي خوش ناهيون.سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران سوالن جي وقفي دوران ايم ڪيو ايم ميمبرن گوڙ ڪيو، جنهن تي اسپيڪر اويس قادر شاهه چيو ته سوال پڇڻ سان ماحول خراب نه ڪيو وڃي، ماضيءَ جون روايتون قائم نه ڪيو اهي ماضي ۾ رهڻ ڏيو، ان تي مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي چيو ته سوالن جي وقفي کان 70 زندگين جو معاملو اهم آهي، ڪراچي ۾ امن امان اسان لاءِ اهم مسئلو آهي.يم ڪيو ايم جي ميمبر قرت العين چيو ته ڪراچي شهر ۾ پڙهيل لکيل نوجوانن کي قتل ڪيو پيو وڃي، موبائل فون ۽ نقدي ڦرڻ بعد قتل ڪيو پيو وڃي، ٻارن کي ڪتن ۽ ٻلي وانگر ماريو پيو وڃي.صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته سوالن کان هٽ ڪري مون کي واقعن تي افسوس آهي، ڪراچي ۾ قتل جي واقعن تي اسان خوش ناهيون، غمگين به آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو