ميرپور ماٿيلو (ن س )پوليس صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.ميرپور ماٿيلو ۾ قتل ٿيل صحافي جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار کي پوليس يارو لنڊ واري علائقي مان گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب گرفتار جوابدار وٽان صحافي جي قتل ۾ استعمال ٿيل موٽرسائيڪل به هٿ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جوابدار کي جاچ لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جلد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو.










