ٺٽو ( ن س)ضلعي ٺٽي جي اھم تعلقي ميرپور ساڪرو ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن ء شھرين پاران ليٽ اسٽاپ تي ڪراچي ڪيٽي بندر روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪري ڌرڻو ڌرڻو ھنيو ويو جيڪو آخري اطلاع تائين جاري ھو ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون, انھي موقعي تي آبادگارن نور احمد جوکيو ، شعبان رند ،م علم الدين رند ، انور گبول ، ولي محمد ارٽي ۽ ٻين آبادگارن پاڻي جي مسلسل کوٽ خلاف ليٽ اسٽاپ تي ڪراچي ڪيٽي بندر روڊ بند ڪري انتظاميا خلاف سخت نعريباي ڪئي سندن وڌيڪ چوڻ ھو ته لڌيا ، ڄام برانچ ، ملڪاھ واھ ، ڀانيرو ۽ ٻين شاخن ۾ واري اڏامڻ لڳي آهي سوين ايڪڙن تي پوکيل ساريال جو ٻيجھارو ۽ ووڻن جو فصل خراب ٿيڻ لڳو آھي ۽ چوپائي مال سميت ماڻهون اڃ وگهي مري رهيا آهن آبپاشي کاتي جي نااھلي ۽ کاتي جي انتظاميا پاران پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ڪئي وئي آهي ھنن تڪ جي ايم پي اي ۽ صوبائي وزير علي حسن زرداري کان مطالبو ڪيو آهي ته لڌيا شاخ ڄام برانچ شاخ ملڪاھ واھ شاخ ڀانيرو سميت ساڪري سمورن شاخن کي پاڻي ڏياري عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ،










