پوليس ڪاروائي، مختلف ڏوهن ۾ ملوث جوابدار گرفتار

پوليس ڪاروائي، مختلف ڏوهن ۾ ملوث جوابدار گرفتار

ٺٽو ( ن س)ٺٽو پوليس جي ترجمان موجب ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان پاران ملندڙ ھدايتن بعد ٺٽو پوليس پاران ڪافي وقت کان منشيات فروشن ۽ مختلف ڏوھن ۾ ملوث ڏوھارين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آھي گذريل رات مڪلي ٿاڻي جي حد م پوليس مقابلي ۾ ھڪ جوابدار ۽ منشيات فروش کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ویو آھي مڪلي پوليس پاران جنگشاھي چاڙھي لڳ ھاليجي لنڪ روڊ تي پوليس سان مقابلي ۾ ھڪ جوابدار عباس ولد الطاف مُغل جنھن جو تعلق گھارو شھر سان ٻڌايو پيو وجي کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي پوليس موجب کيس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي گرفتار جوابدار وٽان ھڪ پسٽل پڻ ھٿ ڪيو ويو آھي ٻڌايو پيو وجي ته گرفتار جوابدار ضلعي ٺٽي جي مختلف علائقن مان موٽر سائيڪل چوري، ڦرن سميت مختلف ڏوھن ۾ ملوث آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو