ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي لياري کان به پيپلز بس سروس شروع ڪئي وئي.بس سروس جو افتتاح پيپلزپارٽي جي ميمبر يوسف بلوچ ڪيو. بس سروس لياري، ملير 15 کان حب ريور روڊ تائين هلندي، لياري کان پيپلز بس جو ڀاڙو 50 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي يوسف بلوچ چيو ته پيپلز پارٽي هر واعدو پورو ڪندي آهي، لياري ۾ پيپلز پارٽي جي نمائندگي آهي.يوسف بلوچ چيو ته جيڪڏهن بل ادا ڪرڻ باوجود لوڊشيڊنگ ڪئي وئي ته ڪي اليڪٽرڪ خلاف جنگ جو اعلان ڪندس، لياري ۾ 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته بجلي مهانگي ٿي وئي آهي، گيس مهانگي ٿي وئي آهي، لياري ۾ گئس پائيپ لائين وڇائي پئي وڃي.










