ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي اڄ کان 7 جون تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ طوفان جي اڳڪٿي ڪئي آهي.موسميات کاتي برسات جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب ڪمزور اولهه واريون هوائون اڄ 4 جون کان مٿانهين ۽ وچ واري علائقن ۾ داخل ٿينديون. ان سسٽم سبب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن، برسات ۽ گجگوڙ جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته گلگت بلتستان، ڪشمير، اسلام آباد، گوجرانوالا، اوڪاڙه، فيصل آباد ۽ خوشاب ۾ به برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته بهاولپور، ڊيرا غازي خان، ملتان ۽ ليه ۾ به تيز هوائن ۽ برسات جو امڪان آهي.ان کان علاوه جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، ڪوئيٽا ۽ برخان ۾ به گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.موسميات کاتي موجب هوائن سبب بيٺل فصلن ۽ ڪمزور انفراسٽرڪچر کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي.










