ٺل ۾ گهوٽيتن ۽ ڪنواريتن جو ماني تان جهيڙو، 15 ڄڻا زخمي

ٺل ۾ گهوٽيتن ۽ ڪنواريتن جو ماني تان جهيڙو، 15 ڄڻا زخمي

ٺل:(ن س) ٺل ڀرسان شادي جي ڪاڄ ۾ ماني تان گهوٽيتن ۽ڪنواريتن ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ٺل ڀرسان سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ گهنور خان بنگلاڻي ۾ شادي جي دعوت ۾ گهوٽيتن ۽ ڪنواريتن ۾ جهيڙو ٿي پيو، وليمي جي ماني تي گهوٽ ۽ ڪنوار جا مائٽ وڙهي پيا جنهن بعد ٻنهي ڌرين هڪٻئي تي لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو، جهيڙي ۾ گلڻ بنگلاڻي، محمد اسحاق، اياز احمد، وحيد احمد، خان محمد بنگلاڻي سميت ٻنهي ڌرين جا 15 ڄڻا زخمي، ٿي پيا جنهن کي تعلقي اسپتال ٺل ۾ داخل ڪيو ويو آهي.ايس ايڇ او سي سيڪشن معشوق بنگلاڻي موجب شادي جي دعوت ۾ ماني تان بنگلاڻي برادري ۾ جھيڙو ٿيو آهي جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو