ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ صحافي اتحاد جي سڏ تي شھيد صحافي جان محمد مھر ۽ شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري ۽ محصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاء ڪراچي پريس ڪلب اڳيان وڏي تعداد ۾ سياسي سماجي تنظمين سان گڏ صحافين جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڇتي نعريبازي ،صحافين جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ بينر ۽ تصويرون کينل ھيون جنهن تي مختلف قسم جا نعرا لکيل ھئا صحافي علي محمد ڀٽو ـ صحافي سعيد ڀٽو ـ غوث ٻگھيو احتجاجي مظاھري جي اڳواڻي ڪندي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڌھرڻو ھڻي ويھي رھيا ان موقعي تي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن پنهنجي تقررين ۾ خطاب ڪندي چيو ته شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاء سنڌ حڪومت ۽ سکر پوليس روز ٽال مٽول ڪري صحافين کي ٽرڪائي ڊرامو ڪري ماٺ ڪيون ويٺي آهي ۽ نصر الل الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاء به گھوٽڪي ايس ايس پي سمير چنو به بيوس ٿيو ويٺو آهي صحافين چيو ته پوليس کي سڀ خبر آهي پر تر جي ڀوتارن ۾ ھٿ وجھڻ کان لاھرائي ٿي ۽ صحافين سان ٽوپي ڊراما ڪري لکين روپيا حڪومت کان قاتلن جي گرفتاري لاء آپريشن جي نالي وٺي ھڙپ ڪري رھي آهي جڏهن ته محصوم پريا جي اغوا بابت به سنڌ حڪومت گونگي ۽ ٻوڙي بڻيل آهي ھنن چيو ته سنڌ ۾ آئي ڏينهن توز ڪونڌر پٽ بيگناھ قتل پيا ٿين محصوم نياڻين کي اغوا ڪيو پيو وڃي پر افسوس رياست جي ڪن تي جون به نه ٿي چري ھنن وڌيڪ چيو ته محصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي ۽ جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري تي گهڻو ڊرامو ٿي چڪو آهي ھاڻ دمادم مسٿ قلندر ٿيندو ھاڻ اسين حڪومت کي پنهنجو فيصلو جلد ٻڌائندا سون










