لاڙڪاڻو (ن س) لاڙڪاڻي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو ،ٻنهي گروپن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ علائقو گولين جي گونج ۾ گونجي ويو، مبينا طور راڪيٽ لانچرن جو استعمال پڻ ڪيو ويو، ماڻهو جان بچائڻ لاءِ گهرن ۾ لڪي ويا.مسلسل فائرنگ سبب رتو ديرو جو علائقو سنسان بڻجي ويو. سموريون بازارون بند هيون ۽ رستا ويران رهيا،پوليس موجب جلباني ۽ ويسر قبيلا ٻن ڏينهن کان هڪ ٻئي تي حملا ڪري رهيا هئا.فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٻنهي گروپن جي 40 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار جوابدارن جي گرفتاري جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.










