يورپي ڪميشن پاران پي آءِ اي جي اڏامن تان پابندي هٽائڻ کان انڪار

يورپي ڪميشن پاران پي آءِ اي جي اڏامن تان پابندي هٽائڻ کان انڪار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)يورپي ڪميشن پي آءِ اي جي يورپ ۾ پروازن تان پابندي هٽائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.پي آءِ اي جي پروازن تان پابندي هٽائڻ جو معاملو هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ٿي ويو آهي، قومي ايئر لائن پي آءِ اي تي 4 سالن لاءِ يورپ اڏامڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.ذريعن موجب سول ايوي ايشن اٿارٽي پاران ڪارروائي نه ڪرڻ سبب پابندي ۾ واڌ ڪئي وئي، 31 مئي تي يورپي يونين ڪميشن جي اجلاس ۾ سي اي اي کي قابل آفيسر مقرر ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ريگيوليٽري ڊپارٽمينٽ جو رويو سنجيده ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو