ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارت ۾ گذريل 48 ڪلاڪن دوران سخت گرمي ۽ هيٽ اسٽروڪ سبب 74 ڄڻا فوت ٿي ويا.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ڀارت ۾ سخت گرمي جي لهر جاري آهي، ڀارتي رياستن نئين دهلي، پنجاب، هريانا، چندي گڑھ، يوپي، مڌيا پرديش، بهار، اڑيسه ۽ جھارڪنڊ ۾ گرمي جي لهر برقرار آهي.ڀارتي ميڊيا موجب هيٽ اسٽروڪ سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 48 ڪلاڪن دوران 74 ٿي ويو آهي، هيٽ اسٽروڪ سبب فوت ٿيندڙن ۾ 25 چونڊ عملدار به شامل آهن.ٻئي طرف ڀارتي موسميات کاتي اڄ 10 رياستن ۾ گرمي جي لهر جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جڏهن ته اوڀر ڀارت ۾ هاڻوڪي گرمي جي لهر وڌيڪ 2 ڏينهن جاري رهڻ جو امڪان آهي. ان کان علاوه، هندستان جي گاديء واري دهلي هن هفتي ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ گرمي پد 52.9 درجا سينٽيگريڊ رڪارڊ ڪيو، پر ايندڙ ڏينهن ۾ اتر اولهه ۽ وچ هندستان ۾ گرمي پد جي توقع ڪئي وئي آهي.










